حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد واسي پورهيت جو معصوم پٽ گڙدن ۽ ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، پورهيت 3 ورهين جي معصوم پٽ جي سرڪاري خرچ تي علاج لاءِ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي محمد يوسف شاهه پنهنجي زال ڪرن ۽ 3 ورهين جي بيمار پٽ حسيب سميت دانهيندي ٻڌايو ته پٽ ڪافي عرصي کان گڙدن، ڦڦڙن ۽ رت جي کوٽ واري بيماري ۾ مبتلا آهي، علاج باوجود صحتياب ناهي ٿي سگهيو، وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي، صحت کاتو ۽ سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي پٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي.