حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هيرآباد  سٽي تعلقي ۾ قائم گورنمينٽ گرلز لوئر سيڪنڊري اسڪول ماڊل هيرآباد ڪئمپس ۾ پڙهندڙ ٻئي ڪلاس جي شاگردياڻي زينب ڌيءُ شاهد کي نائب قاصد پاران جنسي طور حراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. والدين جي شڪايت بعد ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري عزيز الرحمان ڏهوٽ معاملي جو نوٽيس وٺندي نائب قاصد عبدالغني کي معطل ڪندي سندس خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڊي اي او پاران معاملي جي جاچ لاءِ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر نسيم اختر عباسي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني جاچ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي. نسيم اختر عباسي ڪميٽي جي چيئرمين هوندي، ڊپٽي  ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ثناءُ الله ابڙو ۽ ٽي اي او فيميل سٽي شهناز سومرو ڪميٽي جا ميمبر هوندا جيڪي چئن ڏينهن دوران معاملي جي جاچ مڪمل ڪري کيس رپورٽ فراهم ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته 11 مارچ تي اسڪول جو نائب قاصد شاگردياڻي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو جنهن بعد کيس جنسي طور حراسان ڪيو پر شاگردياڻي واقعي بابت ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪئي هئي ۽ گذريل ڏينهن ٻيهر ڄاڻايل نائب قاصد شاگردياڻي تي زور ڀريو ته هو ساڻس گڏجي سندس جاءِ تي وڃي پر شاگردياڻي انڪار ڪندي ماسترياڻين کي شڪايت ڪئي. هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته متاثر شاگردياڻي جا والدين ايس ايس پي آفيس ۾ قائم وومين ڪمپلين سينٽرتي پڻ  نائب قاصد خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.