حيدرآباد ۾ وڌيڪ 7 يونين ڪائونسلن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

0
275
ڪراچي ۾ ڪورونا جا وار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيسز وڌڻ تي وڌيڪ 7 يونين ڪائونسلن ۾ اڄ کان سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو، لطيف آباد جي 3، سٽي تعلقي ۽ قاسم آباد جي وڌيڪ 2-2 يوسيز ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو، دادن شاهه ڪالوني، گاڏي کاتو ۽ حيدر چوڪ ويندڙ رستا ڪنڊيدار تارو رکي بند، سرفراز ڪالوني، ميمڻ هائوسنگ سوسائٽي، انور ولاز، ماروي ٽائون، نقاش ولاز، علمدار چوڪ ۽ هيپي هومز ۾ شهرين جي اچ وڃ بند، پوليس اهلڪار مقرر، پوليس يومِ علي جي موقعي تي ماتمي جلوسن جي روٽس کي سيل ڪري ڇڏيو.