حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وارهه سان تعلق رکندڙ پيرسن خان محمد چانڊيو گهرواري سان گڏ پٽ ۽ ننهن جي مبينا اغوا خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن چيو ته سندس پٽ فدا چانڊيو 4 اپريل 2022ع تي فرزانه نالي ناري سان پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن  بعد کين ناري جا مائٽ نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون به ڏيندا هئا. پيرسن ٻڌايو ته 12 ڏينهن اڳ سندس پٽ فدا ۽ ننهن فرزانه کي شهر وڃڻ جو چئي نڪتو جيڪو واپس ناهي موٽيو ان لاءِ کيس شڪ آهي ته ڪٿي پٽ کي ناري فرزانه جي وارثن مبينا طور ننهن سميت اغوا ڪري قيد ڪري ڇڏيو آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته پٽ ۽ ننهن جي حياتين کي خطرو آهي ان لاءِ وس وارا معاملي جو نوٽيس وٺن. هن ايس ايس پي لاڙڪاڻي ۽ ڊي آءِ جي کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ ۽ ننهن جي پراسرار گمشدگي واري معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن ٻنهي ڄڻن جي حياتي بچي سگهي.