حيدرآباد (بيورو رپورٽ) فورٽ ٿاڻي جي پوليس اسٽيشن روڊ تي قائم هوٽلن تي چڙهائي ڪري هوٽلن ۾ ترسيل ٻن عورتن سميت 5 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته محرم الحرام دوران شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ هوٽلن توڙي ريسٽ هائوسن تي ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن اتي ترسيل ماڻهن بابت خبر پئي ته سندن ڪهڙن علائقن سان تعلق آهي. فورٽ پوليس جي ڪارروائي بابت ايس ايڇ او رئيس خانزادي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته انهن شڪ جي بنياد تي ٻن عورتن سميت ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي جن کان آڏي پڇا ڪئي پئي وڃي ۽ سندن قومي سڃاڻپ ڪارڊ به چيڪ ڪيا پيا وڃن. ايس ايڇ او موجب ته جيڪڏهن ڄاڻايل ماڻهن جا رشتيدار يا ڄاڻ سڃاڻ وارا ماڻهو شهر سان تعلق رکن ٿا ته کين انهن جي ضمانت تي آزاد ڪيو ويندو. پوليس پاران تحويل ۾ ورتل ماڻهن جا نالا ظاهر ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري ڏئي.