حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پهريون ڀيرو سوشل ويلفيئر کاتي پاران قاسم آباد ۾ قائم شيميل سينٽر  ۾ مختلف هنرن جي سکيا حاصل ڪندڙ ٽرانسجينڊرز ڪميٽي کي 7 لک 80 هزار رپيا وظيفو فراهم ڪيو ويو. وظيفو ملڻ بعد خواجه سرائن ۾ سرهائي جي لهر پکڙجي وئي آهي. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر تسنيم احمد ميمڻ جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ 13 خواجه سرائن کي 60 هزار رپيا في خواجه سرا جي حساب سان 6 مهينن جو وظيفو فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آڪٽوبر 2021ع کان شيميل سينٽر کي فنڪشنل ڪري حالي روڊ، پراڻي سبزي مارڪيٽ، لطيف آباد، نئين پل ۽ ٻين علائقن ۾ رهائش پذير خواجه سرائن کي رجسٽرڊ ڪري کين ڪورس ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويا ۽ هن وقت سينٽر تي کدڙن فقيرن کي ٽيلرنگ، بيوٽيشن، ڪوڪنگ ۽ ڪمپيوٽر جي سکيا سميت ٻيا ڪورس ڪرايا پيا وڃن ته جيئن هو سکيا حاصل ڪرڻ بعد خود ڪفيل بڻجڻ لاءِ وڃي ڪاروبار ڪري سگهن.