حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي سائيٽ هڪ شخص جو موٽرسائيڪل تي رکيل لاش هٿ آيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نارا جيل روڊ تي قبرستان ويجهو موٽرسائيڪل تي لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو. سائيٽ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ عمران پٽ عبدالسلام جت طور ٿي آهي. جيڪو موٽرسائيڪل تي پنهنجي گهر گلشن زيل پاڪ ڏانهن اچي رهيو هو ته پراسرار نموني رستي ۾ فوت ٿيو جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته بظاهر لاش جي جائزي دوران انهن کي تشدد جون شاهديون نظر نه آيون آهن جنهن جي موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ظاهر ٿيندو.