حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ جهنڊو کوسو جو رهواسي نينگر علاج دوران فوت ٿي ويو. وارثن پاران ڊاڪٽر تي علاج دوران لاپرواهي جو الزام هڻي احتجاج ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته 8 سالن جي آيان پٽ گلشن کوسو کي شام ڌاري بخار ٿيو جنهن کي علاج لاءِ ٽنڊو حيدر ۾ قائم خانگي اسپتال کڻائي ويا جتي نينگر کي تيز بخار هئڻ باوجود ڊاڪٽر انجيڪشن هنئي جنهن دوران نينگر بيهوش ٿي ويو. وارثن موجب ته نينگر جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد خانگي اسپتال هلائيندڙ ڊاڪٽر کين سول اسپتال وڃڻ جي صلاح ڏني ۽ هو نينگر کي سول اسپتال علاج لاءِ کڻائي پئي ويا پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو ۽ اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽرن پاران سندس موت جي تصديق کانپوءِ نينگر جو لاش پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا. وارثن موجب ته سندن نينگر خانگي اسپتال هلائيندڙ ڊاڪٽر جي لاپرواهي سبب فوت ٿيو آهي ان لاءِ سندس خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.