حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ ٽريفڪ عملي ۽ سرڪاري ملازم وچ ۾ گاڏي کڻڻ واري معاملي تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي جنهن بعد ميران محمد شاهه روڊ تي سرڪاري ملازم ٽريفڪ عملي جي گاڏي کڻندڙ ڊمپر سامهون بيهي انوکو احتجاج ڪيو. ڪينٽ سيڪشن جي ٽريفڪ عملي ٻڌايو ته آغا صلاح نالي ملازم جي ڪار نو پارڪنگ ۾ بيٺل هئي جنهن سبب اتي ٽريفڪ جي آمد و رفت ۾ رخنو پئي پيو ان ڪري گاڏي کڻي مالڪ کي چالان جي پرچي ڏيڻ بعد گل سينٽر تي قائم پنهنجي سيڪشن آفيس کڻي وڃي رهيا آهيون ۽ گاڏي جو مالڪ چالان جمع ڪرائي رسيد واپس ڏيندو ته سندس ڪار حوالي ڪئي ويندي. سرڪاري ملازم آغا صلاح ٻڌايو ته ٽريفئڪ عملي وٽ موجود چالان بڪ تي اڳ ۾ ئي صحيحون ٿيل آهن، خبر ناهي سندن بڪ اصلي آهي يا نقلي ان ڪري ٽريفڪ عملو کيس پنهنجا آءِ ڊي ڪارڊ ڏيکاري ٻي صورت ۾ هو ڊمپر آڏو پري نه ٿيندو. ملازم موجب ته هو مڃي ٿو ته سندس گاڏي نو پارڪنگ مان کنئي وئي آهي جنهن جو چالان به ادا ڪندو پر ٽريفڪ عملي کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته هو سموري بڪ تي اڳ ۾ ئي صحيحون ڪري ڇڏين. ملازم جي احتجاج سبب ميران محمد شاهه روڊ تي ٽريفڪ جام ٿي وئي جنهن بعد ٽريفڪ عملو ملازم کي منٿون ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ بعد ۾ چالان جي رقم ادا ڪرڻ بعد سندس گاڏي حوالي ڪئي وئي.