حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي حالي روڊ مان پوليس پاران مبينا طور نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس امڙ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي بيواهه صابره الزام ھڻندي چيو ته پهرين سيپٽمبر تي شام جو گهر جو دروازو کڙڪائي سادا ڪپڙا پهريل پوليس اهلڪار سندس گهر ۾ داخل ٿيا ۽ نوجوان پٽ دانش عرف دانو کي کنڀي کڻي ويا آهن جنهن بابت حالي روڊ سميت مختلف ٿاڻن تي پڇا ڪئي آهي پر سندس پٽ جو ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه مليو آهي. متاثر عورت الزام هنيو ته 7 سيپٽمبر تي حالي روڊ پوليس ٻڌايو ته سندس پٽ ھٽڙي ٿاڻي تي موجود آھي پر اتي به پوليس پٽ سان ملاقات نه ڪرائي ۽ سندس غير موجودگي جو جواز ڄاڻائي واپس موٽائي ڇڏيو. هن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته پوليس پٽ کي ڪٿي ڪوڙي مقابلي ۾ فل يا هاف فراءِ نه ڪري ڇڏي.