حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حالي روڊ واري علائقي ۾ گهر مان نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش مليو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي سڃاڻپ 22 سالن جي مزمل منير پٽ محمد حسين گدي جي نالي سان ٿي آهي. سندس لاش ڪمري ۾ لڳل پکي ۾ لٽڪيل هو. پوليس موجب فوتي جي وارثن شروعاتي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته نوجوان بيروزگار هو ۽ گهريلو پريشانين کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو آهي. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي پر معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل هو.