حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي ڀٽائي ڪانٽي وٽان نوجوان جو لاش  مليو. اطلاع تي ايڌي رضاڪارن پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو. ايڌي انچارج معراج الدين قريشي جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش 25 سالن جي نوجوان جو لڳي رهيو آهي جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي جڏهن ته علائقي واسين کين شروعاتي طور اطلاع ڏنو ته ڄاڻايل شخص بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي. لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب اهو لاش سول اسپتال جي انتظاميا مردا خاني ۾ رکرائي ڇڏيو آهي. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس پاران ڄاڻايل معاملي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو.