حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس کدڙي فقير کي قيد ڪري ناجائز لاڳاپن جي الزام ۾ نوجوان ۽ کدڙي فقير کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هيومن رائٽس سيل پاران هڪ درخواست ڏني وئي هئي ته نبيل عرف علي نالي نوجوان هڪ کدڙي فقير انعم کي پنهنجي قيد ۾ رکي ساڻس ناجائز لاڳاپا قائم ڪيا آهن ۽ مزاحمت تي مٿس گاسليٽ هاري کيس مارڻ جي ڪوشش به ڪئي. حيدرآباد پوليس درخواست ۾ لڳايل الزامن جي جاچ ڪري رپورٽ پڌري ڪئي آهي ته ڪيتري ئي عرصي کان نبيل نالي نوجوان هڪ کدڙي فقير انعم جي عشق ۾ مبتلا هو ۽ ٻئي ڄڻا خوشي سان گڏ زندگي گذاريندا هئا. نبيل نالي نوجوان اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ به ملوث هو ۽ واردات کانپوءِ کدڙي فقير جي گهر ۾ اچي پناهه وٺندو هو. پوليس مطابق نبيل نالي نوجوان اي سيڪشن پوليس کي مختلف وارداتن ۾ گهربل هو. حالي روڊ پوليس فحش حرڪتن جي الزام هيٺ خواجه سرا انعم ۽ نبيل کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڪنهن کي به فحاشي ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ايس ايس پي پاران انوکي ڪيس کي حل ڪرڻ تي هيومن رائٽس سيل جي انچارج ماريه نويد کي تعريفي سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويو آهي.