حيدرآباد( بيورو رپورٽ) نيو سبزي ۽ فروٽ مارڪيٽ جي واپارين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو. انهن چتاءِ ڏنو آهي ته جيڪڏهن سندن مطالبا منظور نه ٿيا ته اڻ ڄاڻايل مدي تائين نئين مارڪيٽ بند ڪري واپس پراڻي مارڪيٽ ۾ وڃي پنهنجو ڪاروبار ڪندا، ان ڏس ۾ واپاري اڳواڻ الطاف ميمڻ ۽ ٻين مارڪيٽ ۾ گڏيل طور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هالاناڪي وٽ سبزي مارڪيٽ شفٽ ٿيندي کين ڏيڍ سال ٿي ويو آهي پر واعدن باوجود انتظاميا بنيادي سهولتون فراهم ناهن ڪيون جڏهن ته نئين سبزي مارڪيٽ ۾ ڀتا خوري معمول بڻيل هئڻ سبب ۽ چئني پاسي منشيات فروشي ٿيڻ سبب واپاري توڙي دڪاندار سخت پريشان آهن، واپارين اهو به الزام هنيو ته ڀتا خور ڀتو نه ڏيڻ تي هاڻي واپارين کي مبينا طور قتل جو ڌمڪيون پيا ڏين جن خلاف دانهڻ باوجود پوليس ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پر ڀتا خوري جي شڪايت بعد کين فون ذريعي جاني توڙي مالي نقصان پهچائڻ جون کين ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن. ضلعي انتظاميا نئين مارڪيٽ ۾ بجلي، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ سيڪيورٽي سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو پر اڃا تائين سيوريج نظام به بهتر ناهي بڻايو ويو بنيادي مسئلا حل ڪري ڀتا خوري مان جان ڇڏرائي وڃي.