حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب سامهون ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. لطيف آباد جي ايوب ڪالوني جي رهواسي اقبال الدين دانهيندي چيو ته هو گذريل 11 سالن کان موٽرسائيڪلن جي خانگي ڪمپني  ۾ روزگار ڪري ٻارن جو پيٽ گذر ڪندو هو پر انتظاميا کيس بنا جواز نوڪري مان نيڪالي ڏئي 6 مهينن جو پگهار روڪي ڇڏيو آهي. ميروخان روڊ جي مستوئي پاڙي جي رهواسي عبدالغني مستوئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڻ کي مختيارڪار سڏائيندڙ حيدرآباد جي مرزا پاڙي جي رهواسي جمشيد ڏاهري کيس نوڪري ڏيارڻ لاءِ 12 لک رپيا روڪ رقم وٺي فراڊ ڪيو آهي ۽ رقم گهرڻ تي کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ڪوٽڙي جي رهواسڻ مسمات زرينا ملاح پٽ جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو. هن چيو ته 26 جولاءِ تي سندس پٽ قيوم ملاح حيسن آباد ۾ دوستن سان ملڻ ويو هو ۽ واپس ايندي گدو چوڪ وٽان حسين آباد پوليس جا اهلڪار کيس کنڀي ويا آهن جنهن جو اڃا تائين ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي ۽ هاڻي پوليس سندس آزادي لاءِ هڪ لک رپيا رشوت پئي طلب ڪري. هن چيو ته سندس پٽ بيگناهه آهي ۽ هو فيڪٽري ۾ مزدوري ڪري گهر جو گاڏو هلائي ٿو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سندن معاملن جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.