حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو ۽ امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ ميئر لاءِ پ پ پاران مختلف نالن تي غور شروع ٿي ويو آهي،  ڪاشف شورو ميئر ٿيڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ تيز ڪري ڇڏي آهي،  پيپلزپارٽي حيدرآباد ۾ پنهنجو ميئر چونڊرائڻ واري پوزيشن ۾ اچڻ بعد مختلف نالن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي آهي، ذريعن موجب ته صوبائي وزير ڄام خان شورو جو ڀاءُ ڪاشف شورو ميئر لاءِ  مضبوط اميدوار طور سامهون اچي ويو، جڏهن ته مختلف سيٽن تان ڪامياب ٿيل اميدوارن به  ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي، حيدرآباد ضلعي جي مڪاني چونڊن جي نتيجن مطابق پيپلزپارٽي 94 سيٽون کڻي پهرين نمبر تي آئي آهي، جڏهن ته ٻئي نمبر تي پي ٽي آءِ 40 سيٽون حاصل ڪيون آهن. آزاد حيثيت ۾ بيهندڙ 16 اميدوار ڪامياب ٿيا آهن جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان 2 ۽ جماعت اسلامي هڪ سيٽ تي ڪاميابي ماڻي آهي. يونين ڪاميٽين جي ٻن سيٽن تي چونڊون رڪيل آهن. 5 سيٽن تي اميدوارن جي فوتگي سبب چونڊون ملتوي ڪيون ويون. پيپلزپارٽي شهري علائقن تي مشتمل نيرون ڪوٽ مان 13، ميان سرفراز مان 8، قاسم آباد مان 18، ٽنڊو فضل مان 14، سچل سرمست مان 14 ۽ حسين آباد مان 12 سيٽون حاصل ڪيون. لطيف آباد جي شاهه لطيف ٽائون مان پيپلزپارٽي يونين ڪميٽي جي چيئرمين توڙي وائيس چيئرمين جي هڪ به سيٽ حاصل ڪري نه سگهي. پي ٽي آءِ پريٽ آباد مان 13 ۽ شاهه لطيف ٽائون مان يونين ڪميٽي جون 14 سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. گڏ ڪيل نتيجن مطابق حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 9 ٽائونز جي 160 يونين ڪميٽين مان نيرون ڪوٽ جي 18 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي 13 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون حاصل ڪيون. نيرون ڪوٽ مان پي ٽي آءِ کي يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون 2 ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي هڪ سيٽ حاصل ٿي. ان ٽائون جي ٻن يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ اميدوارن جي فوتگي سبب ملتوي ڪئي وئي آهي. ميان سرفراز ٽائون جي 18 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي 8 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون حاصل ڪيون آهن. پي ٽي آءِ کي 5 ۽ آزاد اميدوارن کي ٽن يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون مليون. ان ٽائون جي ٻن يونين ڪميٽين جي چونڊ جا نتيجا اميدوارن جي مختلف اعتراضن سبب روڪيا ويا آهن. پريٽ آباد ٽائون جي 18 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي کي ٻن يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون مليون. پي ٽي آءِ 13 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي. ان ٽائون مان آزاد حيثيت ۾ بيٺل اميدوارن کي ٻن يونين ڪميٽين ۽ ٽي ايل پي کي هڪ يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ حاصل ٿي. ٻهراڙي تعلقي جي ٽنڊو ڄام ٽائون جي 16 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي کي 13 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽن تي ڪاميابي نصيب ٿي آهي. ٽن يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽن تي آزاد اميدوار سوڀ ماڻي آيا آهن. ٻهراڙي تعلقي جي ئي ٽنڊو فضل ٽائون جي 17 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي کي 14 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي ڪاميابي ملي. ان ٽائون مان به آزاد حيثيت ۾ ٽن يونين ڪميٽين تي اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. سچل سرمست ٽائون جيڪو شهري ۽ لطيف آباد تعلقن تي مشتمل ٽائون آهي جنهن کي 19 يونين ڪميٽيون الاٽ ڪيون ويون آهن. ان ٽائون مان پ پ جا اميدوار 14 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي ڪامياب ٿيا آهن. ان ٽائون مان پي ٽي آءِ 4 ۽ آزاد اميدوار هڪ يونين ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ ماڻي سگهيا آهن. لطيف آباد جي علائقن تي مشتمل شاهه لطيف ٽائون جي 18 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي يونين  ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ کٽي نه سگهي آهي. ان ٽائون مان پي ٽي آءِ 14 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي سوڀ ماڻي آهي. ان ٽائون مان هڪ يونين ڪميٽي تي آزاد ۽ رڳو هڪ يونين ڪميٽي تي جماعت اسلامي جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين چونڊيا آهن. حسين آباد جي 18 يونين ڪميٽين مان پيپلزپارٽي جي 12 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون نصيب ٿيون آهن. ٻن يونين ڪميٽين تي پي ٽي آءِ ۽ ٽن يونين ڪميٽين تي آزاد حيثيت ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ڪامياب ٿيا آهن. قاسم آباد ٽائون جي 18 ئي يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي پ پ جا اميدوار رڪارڊ ڪاميابي ماڻي ان ٽائون جي سمورين يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جا عهدا ٻهاري ويا آهن. مجموعي طور حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 160 يونين ڪميٽين مان 94 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي پ پ، 40 يونين ڪميٽين جي عهدن تي پي ٽي آءِ، 16 يونين ڪميٽين جي عهدن تي آزاد، ٻن يونين ڪميٽين جي عهدن تي ٽي ايل پي ۽ هڪ يونين ڪميٽي جي عهدي تي جماعت اسلامي ڪاميابي ماڻي آهي. ٻن يونين ڪميٽين جا نتيجا رڪيل آهن. 5 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي چونڊ ملتوي ٿي آهي. هوڏانهن ٽنڊو فضل ٽائون ۽ ٽنڊو ڄام ٽائون مان چونڊيل ٻن آزاد اميدوارن پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ان ڪري پيپلزپارٽي وٽ مجموعي طور هن مهل تائين 96 يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون سيٽون اچي ويون آهن.