حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو آهي. فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار محمد يوسف کي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪيو. حيسن آباد پوليس 12 مئي 2021ع دوران بچاءُ بند وٽ ڪارروائي ڪري جوابدار محمد يوسف کي ٽن ساٿين سميت آئيس ۽ چرس وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو. پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو هو ته جوابدارن جي قبضي مان 2 ڪلو چرس ۽ 48 گرام آئيس هٿ آئي. جوابدار ڪيس خلاف وڪيل معرفت عدالت سان رجوع ڪيو هو. لاڳيتو ڪيس جون ٻڌڻيون هليون. گذريل ڏينهن عدالت جوابدار کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ساڻس گڏ گرفتار ساٿين خلاف عدالتي ٽرائل هلندڙ آهي.