حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ مشهور بيڪري مان 5 ڏينهن اڳ ٿيل ڦرلٽ واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج منظر عام تي اچڻ باوجود پوليس ڦورن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته 5 ۽ 6 جون واري رات حسين آباد ۾ قائم بيڪري ۾ اڻڄاتل 2 ڦورو ڪيڪ وٺڻ جي بهانو بڻائي داخل ٿيا جتي ڦورن چالاڪي جو مظاهرو ڪندي اسلحي جي زور تي بيڪري ۾ موجود اسٽاف کي مئنيجر جي آفيس ۾ بند ڪيو. بعد ۾ ڦورن ڪائونٽر ويٺل شخص کي اسلحي جي زور تي يرغمال بڻائي کانئس ڏيڍ لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ فرار ٿيڻ دوران ڦورو ڪيڪ به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. حسين آباد پوليس بيڪري جي انتظاميا پاران فرياد داخل ڪرائڻ تي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي کي 5 ڏينهن گذري ويا آهن. سي سي ٽي وي فٽيج منظرعام تي اچڻ باوجود ڦورو اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جنهن ڪري بيڪري مالڪ واقعي بابت ايس ايس پي وٽ دانهيو آهي. رابطو ڪرڻ تي حسين آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او آغا اسد پٺاڻ دعويٰ ڪئي آهي ته سي سي ٽي وي فٽيج منظر عام تي اچڻ بعد انهن ڦورن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي. جلد کين گرفتار ڪري ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي ويندي.