حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٽن مهينن دوران مختلف مسئلن جي شڪار 19 هزار 11 شهرين درخواستون ڏئي ظلمن خلاف دانهيو، پوليس 18 هزار 377 درخواستون اڪلائڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ پوليس ترجمان ڄاڻايو آهي ته جنوري 2021ع کان 31 مارچ تائين سڌري ريت ۽ پوسٽ ذريعي 13 هزار 497 درخواستون موصول ٿيون جن مان 12 هزار 912 درخواستون اڪلايون ويون آهن جڏهن ته 951 شهرين پي ايم ڊي يو تحت آن لائين وزيراعظم کي درخواستون اماڻيون جن مان 937 درخواستون اڪلايون ويون آهن. ترجمان موجب آءِ جي سنڌ کي پڻ 882 شهرين آن لائين سي ايم ايس تحت درخواستون ڏئي دانهيو جن مان 847 درخواستن تي شهرين جي داد رسي ڪري سندن مسئلا حل ڪرايا ويا آهن جڏهن ته 22 اي/بي تحت عدالتن مان کين 3 هزار 681 درخواستون مليون جن مان 282 درخواستن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي شهرين جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن جڏهن ته ترجمان پاران 3399 درخواستن بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي. اهڙي ريت ايس ايس پي کي مليل سڌي ريت درخواستن مان پڻ 585، وزيراعظم کي مليل درخواستن مان 14 ۽ آءِ جي سنڌ کي مليل آن لائين شڪايتن مان پڻ 35 شڪايتن بابت ڪا به وضاحت نه ٻڌائي وئي آهي. مجموعي طور ٽن مهينن دوران پوليس بااثر ماڻهن گهرن تي قبضي، عورتن کي حراسان ڪرڻ، گهريلو مسئلن ۽ ٻارن سان مبينا زيادتين خلاف 34 هزار 341 شهرين دانهيو هو.