حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو. عوامي ڪلچرل سنگت حيدرآباد پاران قمبر جي علائقي ڊرگهه ۾ زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وڪيل روشن سندر چانڊيو، ارباب چانڊيو، نظير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته قمبر جي ڳوٺ نصير چانڊيو ۾ سندن خانداني زمين آهي ان تي قبضي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ ايس ايڇ او سلام چانڊيو سندن مخالفن کان رشوت وٺي سندن زمين تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل به کڻائڻ چاهي ٿو. هوسڙي جي رهواسين قادر ملاح، منصور چانڊيو، سومار ملاح، دائود ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علائقي ۾ پوليس جي مبينا سرپرستي ۾ منشيات ۽ آڪڙا پرچي جوا خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. حيدرآباد جي رهواسي اقبال احمد خاصخيلي مطالبو ڪيو آهي ته سندس خلاف اڳوڻي ڀيڻويي پاران ميڊيا ٽرائل جو نوٽيس وٺي کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ سندس ڀيڻ جي نواز ميمڻ سان شادي ٿي هئي. شادي بعد نواز ميمڻ بيروزگاري جي ڪري سندس ڀيڻ تي تشدد ڪندو هو ۽ منهنجي والد کي بليڪ ميل ڪري پئسا وصول ڪندو هو. ڀيڻ جي بيمار ٿيڻ تي سندس مڙس ۽ ساهريجن کيس گهران ڪڍي ڇڏيو. بعد ۾ اسان جي ڀيڻ نواز ميمڻ کان طلاق ورتي ۽ ڏاج ۾ ڏنل 10 لک رپين جي سونن زيورن سميت ٻي سامان جي وصولي لاءِ عدالت جو دروازو کڙڪايو جنهن تي نواز ميمڻ ۽ سندس پيءُ سرفراز ميمڻ مڇرجي پيا ۽ منهنجي خلاف اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڪوڙيون درخواستون ڏئي نقصان پهچائڻ لاءِ ڌمڪيون به ڏنيون. انصاف ڪيو وڃي.