حيدراباد( بيورو رپورٽ)   حيدرآبد ۾ مختلف ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪيو. حسين آباد جي رهواسي محمد هاشم وساڻ ڦر واقعي خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي دانهيو ته 19 مارچ تي پوليس چوڪي ڀرسان کيس 3 اڻڄاتل ماڻهن يرغمال بڻائي 12 هزار رپيا روڪ رقم، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو. واقعي بابت ٿاڻي تي رپورٽ به داخل ڪرائي پر 16 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين پوليس ڦورن کي گرفتار ناهي ڪيو. هوڏانهن نيو سبزي مارڪيٽ واري علائقي جي رهواسڻ اڳوڻي مڙس جي ظلم خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. مسمات ساران ڪلهوڙو چيو ته اڳوڻي مڙس خان محمد ڪلهوڙو زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي. اڳوڻي مڙس پاران طلاق بعد هن 18 اگسٽ 2022ع تي دلبر ڪلهوڙو سان پسند پرڻو ڪري گهر وسايو جنهن بعد اڳوڻو مڙس خان محمد ڪلهوڙو ڀائرن ۽ مائٽن سان ملي کيس ٻيهر حراسان پيو ڪري جنهن خلاف ٿاڻي تي به دانهيو آهي پر تدارڪ نٿو ٿئي.