حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪڙيو گهنور جي ڳوٺ الله ڏنو نظاماڻي جي رهواسي ڪولهي برادري پاران ناري کي مبينا طور اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ بااثر ماڻهن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ويرجي ڪولهي الزام هنيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سندس نياڻي ماروي کي بااثر دلدار نظاماڻي، واحد نظاماڻي، اشوڪ ۽ مورچند ڪولهي زنا جي ارادي سان اغوا ڪيو، جنهن بابت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته پوليس ناري کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو. هن چيو ته سندس ڌيءُ عدالت ۾ بيان ڏنو ته کيس زبردستي اغوا ڪرڻ بعد زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. اهڙي بيان بعد عدالت سندن ڌيءُ حوالي ڪئي. هن چيو ته ڌيءُ جي اغوا ۽ زيادتي واري واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن تي مڇرجي جوابدار کيس جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ سان گڏ ڌيءُ کي ٻيهر اغوا جون ڌمڪيون پيا ڏين، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.