حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا ڪيا. گنجي ٽڪر جي رهواسي باگڙي برادري جي عورتن ۽ مردن ٻارن سميت پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. رام پاڙي جي رهواسي بسنت باگڙي، انو باگڙي، ميران باگڙي، نگينان باگڙي، درشن لال باگڙي ۽ ٻين الزام هنيو ته علائقي بااثر صدام پنجابي نالي شخص سندن گهر ڊاهي اتي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي جي رهواسي شهزاد زال ۽ نياڻي جي مبينا گمشدگي خلاف دانهيو ته 2 مارچ تي سندس زال صنم، معصوم نياڻي عذرا کي سول اسپتال قائد آباد ۾ دوا وٺي ڏيڻ لاءِ وئي هئي جتان هو پراسرار نموني گم ٿي ويون آهن. پوليس سندن ڳولا ۾ مدد نٿي ڪري.  چمبڙ جي ڳوٺ ونگي اوٺا جي رهواسين محمد علي، بچايو، محمد صديق ۽ ٻين دانهيو ته 6 مهينا اڳ سندن نياڻي مهرالنساءِ کي سندس سهري حاجي اوٺو ۽ مڙس رضا محمد مبينا طور تشدد ڪري قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس به داخل ٿيل آهي پر جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ محمد عثمان لغاري جي رهواسي مسمات فاطمه، عطا محمد لغاري ۽ ٻين دانهيو ته بااثر زميندار سيد عاصم شاھ روينيو عملي جي ملي ڀڳت سان سندن کاتي واري زمين سروي نمبر 228 نمبر 20 ۽ 21 واقع ديھ آبڙي ۾ 5 ايڪڙ 20 گهنٽا ايراضي رکندڙ زمين تي قبضي جي ڪوشش پيو ڪري جنهن خلاف لاڳاپيل مختيارڪار آفيس ۽ ٿاڻي تي به دانهيو آهي پر ڪو به سندن تدارڪ نٿو ڪري. احتجاج ڪندڙن انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.