حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس پاران فينسي نمبر پليٽن ۽ نيري لائيٽن وارين گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. پوليس  شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي پڪٽون قائم ڪري گاڏيون روڪيون ۽ گاڏين ۾ لڳل فينسي نمبر پليٽس، سرڪاري نشان (نيري، سائي رنگ) جا نمبر پليٽس، نيريون لائيٽون، ڪاري رنگ جا شيشا هٽايا. ٽريفڪ پوليس جي مدد سان ڪارروائي دوران ڪيترن ئي گاڏين کي چالان ڪري سندن مالڪن ۽ ڊرائيورن کان ڏنڊ پڻ وصول ڪيو ويو ۽ کين وارننگ ڏني وئي ته هو اڳتي ان عمل کان پاسو ڪن.