حيدرآباد (بيورو رپورٽ) خوراڪ کاتي جي فوڊ انسپيڪٽر نعمان قريشي تي رشوت وٺي ڪڻڪ جون ٽرڪون ڇڏڻ جو  الزام سامهون آيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل فوڊ انسپيڪٽر ڪڻڪ سان ڀريل 2 ٽرڪون مبينا طور 30 هزار رپيا رشوت وٺي ڇڏي ڏنيون جنهن بعد سنجهوري سان تعلق رکندڙ هڪ واپاري شڪايتي خط ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ حيدرآباد کي لکي ڇڏيو آهي. واپاري راڻا سرور ڄاڻايو آهي ته 15 جون 2022ع تي ٻن ٽرڪن ذريعي 150 ڪڻڪ جون ٻوريون حيدرآباد ۾ قائم هڪ اٽي چڪي لاءِ روانيون ڪيون. هٽڙي باءِ پاس تي فوڊ انسپيڪٽر نعمان قريشي ٻنهي ٽرڪن کي پوليس جي مدد سان روڪي ڪجهه دير بيهاري ڇڏيو. بعد ۾ مبينا طور هن 50 هزار رپيا رشوت طلب ڪئي هئي پر معاملو 30 هزار رپين ۾ طئي ٿيو جنهن بعد فوڊ انسپيڪٽر کي 30 هزار رپيا ٻن حصن ۾ ايزي پئسا اڪائونٽ ۾ موڪليا ويا. ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ کي واپاري پاران لکيل خط ۾ ايزي پئسا جو اڪائونٽ نمبر به لکيو ويو آهي. ذريعن موجب فوڊ انسپيڪٽر سيڪريٽري خوراڪ ۽ ڊائريڪٽر فوڊ جو دادلو آهي ان ڪري سندس خلاف ڪارروائي مشڪل ٿي سگهندي. سندس جاءِ تي اڳوڻي فوڊ انسپيڪٽر اشفاق علي شاهه کي ڪڻڪ جي خريداري ۾ لاپرواهي جو جواز ڄاڻائي هٽايو ويو هو .