حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ ميبنا مقابلي دوران مارجي ويل 4 ڄڻن واري معاملي کي نئون رخ ڏنو ويو آهي، پوليس موجب 3 ڏوهاري مقابلي ۾ مارجي ويا هئا جڏهن ته چوٿين کي سندس ساٿين قتل ڪيو هو. پوليس مارجي ويل ٽن ڏوهارين خلاف سندن ساٿي کي قتل ۽ پوليس اهلڪار کي زخمي ڪرڻ توڙي پوليس سان مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، پوليس پاران داخل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به لاڳو ڪيا ويا آهن. جڏهن ته مارجي ويل ڏوهارين وٽان مليل رقم مان ساڍا 92 لک رپيا گم ٿي ويا.  ايس ايس پي امجد احمد شيخ پريس ڪانفرنس دوران ڏوهارين کان هٿ آيل روڪ رقم ۽ هٿيار ميڊيا آڏو پيش ڪندي دعويٰ ڪئي ته ڦورو پوليس سان مقابلي ۾ ئي مارجي ويا آهن. هٽڙي پوليس ڇلگري ٿاڻي جي ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر ڪاشف گاڏهي جي فرياد تي داخل ڪيو. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار انيس پٽ يوسف چنا سندن تحويل ۾ هو جنهن جاچ دوران ٻڌايو ته سيڪيورٽي ڪمپني جي وين ڪي وي 5924 جو ڊرائيور اصغر علي شاهه سندن مخبر آهي ۽ گروهه جي اڳواڻ طاهر عرف مامو عرف قاسم مستوئي، عاقب مستوئي، ظهير ابڙو، ذاڪر علي مستوئي، محمد علي مستوئي، سڪندر رند، جهانگير جتوئي، اسد علي سومرو ۽ زبير مڱڻهار سان گڏجي هڪ ڪار ۽ ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي 28 سيپٽمبر تي قومي شاهراهه وٽ بئنڪ جي گاڏي مان 15 ڪروڙ 29 لک رپيا روڪ ۽ 2 رپيٽر ۽ 3 ٽي ٽي پستول به ڦر ڪيا. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي انهن صادق ليونا هائوسنگ اسڪيم وٽ ٺهندڙ بنگلي وٽ سرچ آپريشن ڪيو ته باءِ پاس روڊ ڪراس ڪندي پهرين لائين ۾ موجود ڦورن پوليس تي سڌا فائر ڪيا جڏهن ته ڪارروائي دوران ٻي لائين ۾ لائيٽن جي روشني ۾ 3 ڦورو نظر آيا جن پوليس ۽ گرفتار جوابدار انيس تي فائرنگ ڪئي. فائرنگ دوران جوابدار انيس چنو مارجي ويو جڏهن ته سٽي ٿاڻي جو اهلڪار اسد چنا زخمي ٿيو، پوليس فائرنگ ۾ 3 ڏوهاري طاهر عرف مامو عرف قاسم مستوئي، عاقب مستوئي ۽ ظهير ابڙو مارجي ويا جن وٽان پوليس کي 3 ٽي ٽي پستول ۽ هڪ ڪلاشنڪوف هٿ آئي.   واقعي واري  هنڌان کين 3  ڪاري رنگ جا وڏا بيگ هٿ آيا جن ۾ 500، 1000 ۽ 5000 رپين جي نوٽن واريون دستيون پيل هيون جن تي بئنڪ جا ٺپا به لڳل هئا. هٿ آيل سموري رقم جي ڳڻپ حسين آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او طاهر مغل، فورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او رئيس خانزادو ڪئي جن ٻڌايو ته ٽوٽل رقم 4 ڪروڙ 17 لک 50 هزار رپيا آهي. جڏهن ته ايس ايس پي موجب جوابدارن وٽان 5 ڪروڙ 10 لک رپيا هٿ آيا. ڪراچي کان مورو رقم منتقل ڪندڙ وين مان آخر ڪيتري رقم ڦر ٿي ۽ پوليس کي ڪيتري رقم هٿ آئي ؟ ان بابت ضلعي پوليس جي سربراهه جي بيان ۽ ڦورن سان مقابلي واري ڪيس ۾ تضاد سامهون اچي ويو آهي. ايس ايس پي امجد احمد شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي توڙي ان کان اڳ بار بار دعويٰ  ڪئي ته ڦورن جي قبضي مان کين 5 ڪروڙ 10 لک رپيا هٿ آيا پر هٽڙي ٿاڻي تي ڦورن خلاف داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واقعي واري هنڌان کين 3 بيگ هٿ آيا جنهن مان مجموعي طور 4 ڪروڙ 17 لک 50 هزار رپيا آهي.  ايس ايس پي جو بيان تبديل آهي يا ڪيس داخل ڪرائيندڙ سب انسپيڪٽر جي فرياد سچي لکيل آهي ان بابت پوليس به ڪجهه ٻڌائڻ کان لاچاري ظاهر پئي ڪري.