حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ فل فراءِ ٿيلن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. هٽڙي پوليس خانگي ڪمپني جي سيڪيورٽي وين مان ٿيل ڦر وارو معاملو حل ٿيڻ بعد تحويل ۾ ورتل سپر وائيزر، مڪينڪ ۽ ٻن گارڊن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 28 سيپٽمبر 2022ع تي ڇلگري ٿاڻي جي پوليس خانگي ڪمپني جي وين مان ڪروڙين رپيا ڦر ٿيڻ بعد سکر واسي وين جي ڊرائيور اصغر شاهه، ڪنڊيارو سان تعلق رکندڙ سپر وائيزر نديم چنا، فيصل آبادي گارڊ محمد رمضان جٽ، گارڊ ضياءُ احمد آرائين ۽ ڪراچي جي مهاجر ڪالوني سان تعلق رکندڙ مڪينڪ اطهر احمد کي تحويل ۾ وٺي جاچ لاءِ حراست ۾ رکيو هو. ٻه ڏينهن اڳ ايس ايس پي امجد احمد شيخ پاران وين ڦر واري واقعي ۾ ملوث 3 ڏوهاري مقابلي ۾ مارڻ ۽ سندن هڪ ساٿي پنهنجي ئي فائرنگ ۾ مارجڻ بابت پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته واقعي ۾ ڦر ٿيل رقم مان کين 5 ڪروڙ 10 لک رپيا رقم واپس ٿي آهي جڏهن ته واقعي ۾ ملوث باقي فرار ٿيل 6 ڄڻن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي ته جيئن باقي رقم هٿ ڪري سگهجي. ذريعن موجب لطيف آباد يونٽ نمبر 7 سان تعلق رکندڙ پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ سيڪيورٽي ڪمپني جي زونل مئنيجر جاويد اقبال راجپوت جي اسرار تي پوليس 20 ڏينهن کان گرفتار سپروائيزر کي مڪينڪ ۽ ٻن گارڊن سميت آزاد ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ايس ايس پي امجد احمد شيخ سکر واسي وين ڊرائيور اصغر شاهه جي ڦورن سان ملوث هئڻ بابت تصديق ڪئي هئي جنهن ڪري پوليس وين ڊرائيور کي اڃا آزاد ناهي ڪيو. پوليس ذريعن اهو به انڪشاف ڪيو ته وين ڊرائيور سميت سيڪيورٽي عملي جي سمورن ماڻهن کي پوليس سي آءِ اي سينٽر ۾ رکيو هو جتان کين ان ذميواري تي آزاد ڪيو آهي ته جيڪڏهن جاچ دوران ٻيهر سندن ضرورت پئي ته کين وري پوليس وٽ پيش ڪيو ويندو. ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي جاويد اقبال اها به تصديق ڪئي ته پوليس جاچ دوران تحويل ۾ ورتل سپروائيزر مڪينڪ ۽ سيڪيورٽي عملي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.  ٻئي پاسي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل چئني ڦورن جا لاش پوليس سندن وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيڪو ليگل شعبي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار انيس چنا جو لاش گذريل ڏينهن شام جي وقت وارثن حوالي ڪيو ويو هو جڏهن ته باقي ٽن ڦورن ظهير ابڙو، عاقب مستوئي، طاهر عرف مامو عرف قاسم مستوئي جا لاش اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي رات جو ئي لاش پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن کڻائي روانا ٿي ويا. هوڏانهن پوليس پاران ڦورن کان هٿ آيل 5 ڪروڙ 10 لک رپيا رقم وارو معاملو به اڃا تائين واضح ناهي ٿي سگهيو ڇاڪاڻ ته ايس ايس پي دعويٰ ڪئي ته کين ڦورن جي قبضي مان 5 ڪروڙ 10 لک رپيا وصول ٿيا آهن پر پوليس پاران داخل ڪيس ۾ مجموعي طور 4 ڪروڙ 17 لک 50 هزار رپيا رقم ظاهر ڪئي وئي آهي.  هوڏانهن ڦليلي پوليس گڊز ناڪي روڊ تي فردوس پلازه وٽ ڦورن سان مبينا مقابلي جي دعويٰ ڪندي هڪ ڄڻي کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ محمد عارف عرف علي قريشي طور ٿي آهي. ترجمان موجب جوابدار جي قبضي مان هٿيار به مليو آهي. مٿس غيرقانوني اسلحو رکڻ، ڦرلٽ ۽ پوليس سان مبينا مقابلن جا 9 ڪيس آهن. سندس ساٿي فرار  ٿي ويو. هوڏانهن قاسم آباد پوليس به هڪ جوابدار وسيم عرف جوجي يوسفزئي کي مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  پوليس موجب مقابلو سي آءِ اي پوليس جي نشاندهي تي زرداري موڙ ٿيو. گرفتار ٿيل جوابدار جو هڪ ساٿي فرار ٿي ويو. مٿس ڪيسن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.