حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ريشم بازار واري علائقي ۾ شادي جي تقريب دوران ڄاڃين پاران ٿيل فائرنگ ۾  زخمي ٿيل ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي واقعي جو ڪيس 11 ڄڻن خلاف داخل ڪري پوليس 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سٽي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته جمع ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات ريشم بازار وٽ قائم الفاروق اسڪول ڀرسان بلال نالي شخص جي شادي واري تقريب هئي جنهن ۾ ڄاڃين خوشي ۾ فائرنگ ڪئي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون گهر ۾ ڪريون جنهن دوران گهر ۾ موجود عبدالوهاب ۽ سندس ڀيڻ حنا گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جو ڪيس عتيق راجپوت جي فرياد تي محمد فاروق، محمد اشرف، زوهيب، محمد علي، بابر علي، اياز، ممتاز ۽ 4 اڻڄاتل ماڻهن سميت 11 ڄڻن خلاف داخل ڪيو آهي. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته سندس ناٺي عبدالوهاب ۽ هن جي ڀيڻ گهر ۾ موجود هئا ته پاڙيسري بلال جي شادي واري تقريب ۾ ٿيل فائرنگ دوران گوليون گهر ۾ ڪرڻ سبب زخمي ٿيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ انهن محمد ارشد، محمد علي، محمد فاروق، زوهيب ۽ بابر کي گرفتار ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو.