حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ فرينڊس آرگنائزيشن ايس ايف او پاران اديبن، شاعرن ۽ سماج سڌارڪن جي مان ۾ عيد ملن پارٽي ڏني وئي، عيد ملن پارٽي ۾ شاعر ڊاڪٽر عبدالغفار عبد جوڻيجو،  خير محمد ابڙو، محمد اشرف ميمڻ ۽ منير احمد ڀيلار جي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو. تقريب کي ايس ايف او جي اڳواڻ ۽ اديب شفيع محمد چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ هر مهيني تنظيم طرفان مختلف شخصيتن سان ملاقاتن ۽ رابطن جي سلسلي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن ملاقاتن سان گڏ علمي ۽ ادبي سرگرميون به جاري رکيون وينديون. آغا ظفر چيو ته ايس ايف او جي ڪوششن جي ڪري مختلف شخصيتن سان رابطا جڙيا آهن ۽ انهن رابطن جي نتيجي ۾ سماجي، عملي ۽ ادبي بحث مباحثو ڪري معاشري جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي.