حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي سحرش نگر واري علائقي ۾ گهر مان پرڻيل عورت جو گولي لڳل لاش مليو. اطلاع تي نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان بعد ۾ اهو لاش وارث پنهنجي گهر کڻائي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي سڃاڻپ 40 سالن جي زرينه زال اقبال ڀنڊ طور ٿي آهي جنهن کي مٿي ۾ پوئين پاسي کان گولي لڳل هئي. شروعاتي طور عورت جي مڙس اقبال ڀنڊ بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته سندس زال ڪمري ۾ بيڊ تي ستل هئي ۽ پاڻ کٽ تي ستل هو. اوچتو فائر جي آواز تي سجاڳ ٿي ڏٺو ته سندس زال جي مٿي مان رت وهي رهيو هو ۽ هو بيهوش هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملو شڪي آهي. ان ڪري هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. عورت جي ڀاءُ جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ افواهه آهن ته ڄاڻايل واقعو اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات پيش آيو. گهر ڌڻين مان ئي ڪنهن شخص 15 پوليس کي اطلاع ڏنو ته گهر تي فائرنگ ٿي آهي جنهن بعد نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس پهتي جتان پوليس گهر مان عورت جو گولي لڳل لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو هو.