حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مڇر ڪالوني واقعي خلاف عوامي تحريڪ پاران قاسم آباد ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو جڏهن ته پورهيت مزاحمت تنظيم پاران اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هنيو ويو. عوامي تحريڪ پاران پونم چوڪ کان نسيم نگر تائين مشعل بردار ريلي جي اڳواڻي نور احمد ڪاتيار، عمرا سمون، سرمد راڄپر ۽ ٻين ڪئي جڏهن ته پورهيت مزاحمت ريلي جي اڳواڻي مسرور احمد شاهه، نثار احمد لغاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. اڳواڻن چيو ته انجنيئرز ايمن جاويد ۽ اسحاق پنهور وارو واقعو انساني حقن، قانون ۽ آئين جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ اهڙي قسم جا واقعا سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سبب ٿين پيا ان لاءِ کين ڌاري يلغار ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. اڳواڻن چيو ته هجوم هٿان بيدردي سان شهيد ڪيل ڳڀرو نوجوانن واري واقعي ۾ ملوث ڪيترن ئي جوابدارن وٽ پاڪستان جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ئي نه آهن تنهن باوجود هو ڪافي عرصي کان سنڌ ۾ ترسيل آهن. اڳواڻن چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ راڄڌاني ۾ سنڌين جي نسل ڪشي ڪري کين بيدردي سان قتل واقعي تي سنڌ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي جنهن ڪري ڪشمور کان ڪراچي تائين سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ڌارين کي نيڪالي جو مطالبو پئي ڪري پر پ پ سرڪار پاران بهارين، بنگالين، برمين ۽ افغانين جي مدد ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته هو واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڌارين خلاف فيصلي تي عمل يقيني بڻائي.