حيدرآباد ۾ عزاداري جاري، مختلف امام بارگاهن تان جلوس برآمد

0
195
حيدرآباد ۾ عزاداري جاري

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ 8 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ذوالجناح، تعزين، علم پاڪ ۽ سيجن جا سوين ماتمي پڙ برآمد ٿيندا

عزادار رابطا ڪميٽي جي پڌرائي موجب اڄ ٽنڊو مير محمود -ٽنڊو آغا مان گذريل ڏينهن برآمد ٿيل جهولي پاڪ وارو قديم ۽ مرڪزي پڙ نهر لاءِ روانو ٿيندو. ان کانسواءِ درگاهه اشرف علي شاهه پڪي قلعي تان ايليڪاٽ جو جهولي وارو پڙ، ٽنڊو ولي محمد، درگاهه مڪي شاهه ڪچو قلعو تان، انڙ مهراڻي ڳوٺ حالي روڊ تان، امام بارگاهه جاگيرِ علي اڪبر عه ٽنڊو غفور شاهه جهانيان قاسم آباد، ڳوٺ صاحب خان مرڙاڻي چينل ناڪو وٽان عنايت علي مرڙاڻي جو پِڙ نڪرندو

ڳوٺ لالو لاشاريءَ مان شفيع محمد لاهوتي جو پِڙ، شير شاهه ڪاظمي جو پِڙ، ڳوٺ محبت ماڇي مان رستم علي جو پِڙ، ٽنڊو يوسف مان مراد علي شاهه جو پِڙ، ٽنڊو ولي محمد مان ڪهيرين جو پِڙ، هوش نگر هالا ناڪو وٽان امام بارگاهه مولا رضا جو پِڙ، ڳوٺ شير محمد گوپانگ هالاناڪو وٽان امام بارگاهه قصرِ عباس وارو پِڙ، ٽنڊو مير غلام حسين لطيف آباد نمبر 9 مان پير خدا ڏنو شاهه جو پِڙ، سيدن جو پڙ، ٽنڊو مير نور محمد لطيف آباد نمبر 4 مان مير محمد حسن جو جهولي وارو پڙ نڪرندو

حسين آباد مان قمبر علي شاهه جو پڙ، زوار نواب جو پڙ ۽ حبيب شاهه جو پڙ برآمد ٿيندا ان کان سواءِ رات 8 وڳي نسيم نگر قاسم آباد ۾ واقع سيد راشد شاهه جي پِڙ تي باهه جو ماتم ٿيندو. ان کانسواءِ ٽنڊو جهانيان سول لائين ۾ پڻ باهه جو ماتم ٿيندو جتي گهوٽ ۽ عزادار ٽانڊن تي ماتم ڪري حضرت امام حسين عه ۽ سندس جانثارن کي عقيدت جا گل آڇيندا