حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ 7 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن  مان ذوالجناح ۽ شهزادي قاسم عه جي مهندين سميت 25 کان وڌيڪ ماتمي پڙ ۽ جلوس برآمد ٿيندا. عزادار رابطا ڪاميٽي موجب قدم گاهه مولا علي عه، ٽنڊو مير محمود – ٽنڊو آغا، ڦليلي پار، ٽنڊو ٺوڙهو مان جمن شاهه، مرزا عابد حسين،هيرآباد ۽ ٽنڊو يوسف ۽ ٻين علائقن جي امام بارگاهن مان پڙ برآمد ٿيندا. هوڏانهن گذريل رات الهداد چنڊ ڳوٺ مان خرم علي لغاري جي رهائش گاهه تان شهزاده قاسم ابن الحسن عه جي مينديءَ جو ماتمي جلوس برآمد ٿي درگاهه جاني شاهه تي پهچي اختتام پذير ٿيو جنهن ۾ عزادارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.