حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پ پ شهيد ڀٽو پاران ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ارشاد علي خاصخيلي، عديل لغاري، رمضان کماڻ، ايڊووڪيٽ سميع چانڊو ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن پاڻي کي رستو نه ڏئي سکر کان سيوهڻ تائين سنڌ کي هٿ سان ٻوڙائي لکين ماڻهو دربدر ڪيا آهن. 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ آبپاشي نظام بهتر بنائڻ لاءِ وڏي بجيٽ رکي وئي پر اها ڪاموا ۽ وزير هڙپ ڪري ويا، جنهن ڪري واهن, ڪينالن ۽ شاخن جا بند مضبوط نه ٿي سگهيا آهن. هنن چيو ته  وفاقي توڙي صوبائي سرڪار متاثرين کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي، متاثر روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، نوٽيس وٺي  متاثرين کي ٽينٽ فراهم ڪرڻ سان گڏ رليف ڪئمپن ۾ ترسائي کين کاڌي پيتي سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ هو متاثرين سان گڏجي وزيرن ۽ ڪامورن جو گهيراءُ ڪندا.