حيدرآباد (بيورو رپورٽ) خانگي ڪمپني پاران شهرين کان سيڙپڪاري جي نالي تي اربين رپين جي فراڊ خلاف حيدرآباد سان تعلق رکندڙ متاثرين سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. پريس ڪلب ۾ لطيف آباد سميت ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ سيد انور علي، فرقان شاهه ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته آٽو ڀان روڊ تي ٿري جيئنس نالي ڪمپني جي آفيس کلي هئي جنهن ۾ ويٺل عملي شهرين کي ٻڌايو ته هو رقم جي سيڙپڪاري جي مد ۾ کين هر مهيني منافعو ڏيندا. بعد ۾ لک رپيا رکندڙ شهري کي 5 هزار رپيا ماهوار منافعي جي آڇ ڏئي کانئن رقم سيڙپڪاري لاءِ رکرائي وئي. ڪجهه عرصو کين منافعو فراهم ٿيو پر آڪٽوبر 2021ع کان عملو پنهنجي برانچ آفيس بند ڪري پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. هنن چيو ته حيدرآباد جي شهرين ڄاڻايل آفيس ۾ لڳ ڀڳ 6 ارب رپيا رقم سيڙپڪاري لاءِ رکرائي هئي. ڄاڻايل ڪمپني سڄي پاڪستان ۾ ڪم پئي ڪيو ان لاءِ هيستائين 18 هزار شهرين کان 80 ارب رپين جو فراڊ ڪري چڪي آهي. ڪمپني خلاف لاڳاپيل فورم تي دانهڻ سان گڏ عدالتن جو به دروازو کڙڪايو آهي پر ڪو تدارڪ نٿو ٿئي. هنن ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ انهن ثاقب نالي ڊسٽرڪٽ مينيجر وٽ رقم جمع ڪرائي هئي جڏهن ته ڪمپني جو هيڊ محمد اويس نالي شخص آهي جيڪو دبئي فرار ٿي ويو آهي. هنن ايف آءِ اي ۽ گهرو کاتي کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن شهرين جا اربين رپيا کڻي پرڏيهه فرار ٿيل ڪمپني مالڪ کان کين رقم فراهم ٿي سگهي.