حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي ڀائي خان چاڙهي وٽان ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ڪارروائي ڪري شاگردياڻي کي سوشل ميڊيا ذريعي بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايف آءِ اي ايس ايڇ او طارق عزيز لاشاري جو چوڻ آهي ته جوابدار محمد حسن شيخ انٽر جي شاگردياڻي (س) جون اعتراز جوڳيون تصويرون سندس مائٽن کي به اماڻيون هيون. ايس ايڇ او موجب مهينو اڳ متاثر شاگردياڻي سائبر ڪرائيم جي آفيس پهچي شڪايت داخل ڪرائي هئي ته هائير سيڪينڊري اسڪول ۾ ڪافي عرصو اڳ ساڻس گڏ پڙهندڙ هڪ شاگرد دوستي لاءِ مجبور پيو ڪري ۽ انڪار تي سندس تصويرون سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ڪري ڇڏيون آهن. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي جي شڪايت بعد انهن معاملي جي جاچ شروع ڪري اربع ۽ خميس جي وچ واري رات ڳجهي اطلاع تي جوابدار کي ڀائي خان چاڙهي وٽان گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو جتي سندس قبضي مان هٿ آيل موبائل فون ۽ ميموري ڪارڊ کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي موجب جوابدار خلاف شاگردياڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري کيس لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ وٺي معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.