حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سٽي گيٽ وٽ 6 ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ڊرائيور غلام علي گن جي قتل ڪيس ۾ پوليس اڳڀرائي جي دعويٰ ڪندي 2 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان  واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪاميٽي جي ميمبر اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر، ايس ايچ او بلديا ضياد علي نوناري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته انهن بس ڊرائيور کي قتل ڪندڙ جوابدار آصف علي شاهه ۽ سندس پٽ ذيشان علي شاهه گرفتار ڪري ورتو آهي جن ڏوهه جو اعتراف ڪندي ڄاڻايو آهي ته سندن ڊرائيور سان پوائنٽ بس جي پارڪنگ واري معاملي تي تڪرار هلندڙ هو ۽ انهن ڪيترائي ڀيرا ڊرائيور کي منع ڪئي ته هو پوائنٽ بس ڊي اي او سيڪنڊري آفيس جي ديوار ڀرسان نه بيهاري پر تنهن باوجود هو روزانو شاگرد ۽ شاگردياڻين کي صبح جو يونيورسٽي کڻي وڃڻ لاءِ ڄاڻايل هنڌ پوائنٽ بس بيهاريندو هو. اي ايس پي موجب گرفتار پيءُ ۽ سندس پٽ اسٽاٽر آهن. سندن تعلق لطيف آباد جي اماني شاهه ڪالوني واري علائقي سان آهي. شروعاتي طور کين سي سي ٽي وي فٽيج هٿ آيا، جنهن بعد ٻنهي جوابدارن کي واقعي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل سميت مفتي محمود درگاهه وٽان گرفتار ڪيو.