حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌو درياهه ۾ لطيف آباد وٽ هائوسنگ اسڪيمون ختم نه ٿيون، ايم ڊي سيڊا پاران ڪمشنر کي چوٿون ڀيرو خط لکي اسڪيمن تي ڪم روڪرائڻ ۽ اڏاوتون هٽائڻ جي گهر ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾  سنڌو درياهه ۾ لطيف آباد وٽ درياهه جي پيٽ اندر قائم 7 هائوسنگ اسڪيمن کي ختم نه ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي بچائڻ لاءِ اڃا تائين بلڊرز جون سرگرميون جاري آهن. اهي هائوسنگ اسڪيمون نه رڳو ٻوڏ جي پاڻي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون آهن پر اسڪيمن جي ڪري پاڻي ۾ ڀراءُ سبب ڪوٽڙي بئراج تي به ان جو اثر ظاهر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾ چوٿون ڀيرو ايم ڊي سي سيڊا پاران ڪمشنر حيدرآباد کي خط لکي اسڪيمون هٽائڻ ۽ انهن کي بچائڻ لاءِ هلندڙ ڪم بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ايم ڊي سيڊا پريتم داس ڪمشنر کي لکيل تازي خط ۾ چيو آهي ته ڪمشنر پاران ڊي آءِ جي سان گڏجي اسڪيمن جو معائنو ڪيو ۽ اها ڳالهه پاڻ مشاهدي ۾ آندي آهي ته اهي اسڪيمون درياهه ۾ وهندڙ ٻوڏ واري پاڻي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون آهن. هن پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته درياهه جي پيٽ ۾ گدو فرنٽ ۽ لوپ بند سان گڏ اسڪيمون غيرقانوني طور تي قائم ڪيون ويون آهن جنهن بابت اڳ ۾ به سيڊا طرفان انهن غيرقانوني اسڪيمن بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن چيو آهي ته انهن خطن جي آڌار تي ڪمشنر جي حڪم تحت اسڪيمن کي غيرقانوني قرار ڏئي ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽ اين او سيز به رد ڪيون پر ان جي باوجود اسڪيمن تي ڪم هلندڙ آهي ۽ هاڻي ٻوڏ واري صورتحال دوران اسڪيمن کي بچائڻ لاءِ سرگرميون جاري آهن. هن چيو آهي ته هن وقت ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ لڳ ڀڳ 6 لک ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو آهي. 2010ع ۾ 9 لک کان وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ٿيو. تازو ئي گوگل جي نقشي ذريعي اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته اهي اسڪيمون درياهه جي قدرتي وهڪري جي لنگهه تي قائم ٿيل آهن. هن پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته انهن غيرقانوني اسڪيمن تي هلندڙ ڪم فوري طور تي بند ڪرايو وڃي ته جيئن نقصان کان بچي سگهجي. هن پنهنجي خط سان اڳ ۾ لکيل خط سيٽلائيٽ اميج ۽ اسڪيمن جا تفصيل به ڪمشنر کي روانا ڪيا آهن.