حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد، لطيف آباد جي ڪوهسار واري علائقي ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيل ناري اقرا مشوري واقعي ۾ ملوث مک جوابدار غيور عباس ڪليار کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايئرپورٽ پوليس پوسٽ معرفت اي سيڪشن ٿاڻي تي ناري جي چاچي معشوق مشوري جي فرياد تي پوليس ٽن جوابدارن خلاف ناري کي زنا جي ارادي سان قتل ڪرڻ جو ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو آهي. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته ڀائٽي اقرا ڌيءُ خادم مشوري کي جوابدار غيور عباس ڪليار پنهنجي دوست دائود ۽ ٻين سان گڏجي قتل ڪيو. فريادي موجب ته سندس ڀائٽي بيوٽي پارلر ملازمت ڪري ٿي. هڪ ڏينهن اڳ شام جو هو بيوٽي پارلر تي وڃڻ جو چئي نڪتي. رات جو 12 وڳي سندس سول اسپتال مان لاش مليو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان اڃا تائين ناري جي قتل بابت ڪو بيان ناهي ڏنو پر کين علائقي مان ڄاڻ ملي آهي ته ناري ۽ نوجوان هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا ۽ ڪنهن معاملي تي نوجوان کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. ناري جي والد خادم مشوري جو چوڻ آهي ته هو ٽيڪسي هلائي گذر سفر ڪري ٿو. سندس ڪنهن سان به دشمني نه آهي پر سندس ڌيءُ کي پاڙي ۾ رهائش پذير غيور عباس نالي نوجوان بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. پوليس گرفتار جوابدار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري سندس جسماني رمانڊ وٺندي. ٻئي پاسي اقرا مشوري جي قتل الزام گرفتار جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار غيور عباس ڪليار جو چوڻ آهي ته اقرا سان ساڻس دوستي هئي. هن اقرا سان زيادتي ناهي ڪئي پر کيس ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو آهي. پوليس ذريعن اهو به ٻڌايو ته جوابدار جي شروعاتي بيان بابت پوليس اڄ لاڳاپيل عدالت کي به آگاهه ڪندي. ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي ڪنهن پيش ناهي ڪيو انهن ڳجهي اطلاع تي تحويل ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.