حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ سانگھڙ ۽ سجاول واسين سميت مختلف ڌرين پران مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ وومين ونگ پاران سوئيڊن ۾ پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي خلاف اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون سوين عورتن ۽ ٻارڙن مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مهڪ بانو، ذليخان، صابرا، ثمرين ۽ ٻين چيو ته سوئيڊن حڪومت جي سرپرستي ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪئي وئي آهي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. سوئيڊن واقعي کانپوءِ دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي. نوٽيس وٺي قانونسازي ڪرڻ سان گڏ سوئيڊن واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.سانگهڙ جي نظاماڻي پاڙي جي رهواسي عورتن ۽ مردن خير محمد خاصخيلي، غلام حسين، رسول بخش خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سانگهڙ جي سول اسپتال ڀرسان سندن پلاٽ آهي جتي انهن گذر سفر لاءِ ڪجهه دڪان ٺهرائي ڇڏيا آهن پر هاڻي انهن دڪانن ۽ پلاٽ تي شاهد نظاماڻي ۽ ٻيا قبضي جي ڪوشش پيا ڪن. هنن چيو ته ڄاڻايل پلاٽ ۽ دڪانن جا وٽن ڪاغذ به موجود آهن جيڪي هو 18 سالن کان سنڀالين ٿا پر هاڻي بااثر ماڻهو دڪانن تي قبضي ۽ ڪرائيدارن کان رقم وٺڻ لاءِ پهچي کين دڪان خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين. سجاول جي ڳوٺ بچل ڪهرائي جي رهواسي رٽائرڊ پرائمري استاد عبدالرزاق ڪهرائي دانهيو ته بااثر ماڻهن روينيو کاتي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت ڪري سندس 6 ايڪڙ 8 گهنٽا زمين جا کاتا تبديل ڪري قبضو ڪري ڇڏيو آهي جن خلاف لاڳاپيل روينيو کاتي جي آفيس ۽ ٿاڻي تي به دانهيو آهي پر سندس ڪو تدارڪ نٿو ٿئي. هن الزام هنيو ته بااثر مشتاق شاهه، رحيم ڏنو سان ڊي سي عثمان ميمڻ ۽ مختيارڪار عبدالرزاق سومرو مليل آهن جنهن ڪري ڪو به عملدار ڪارروائي نٿو ڪري.