حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ راڳي ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد جي سڏ تي راڳين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو ڳائي وڄائي انوکو احتجاج ڪيو ويو. احتجاج دوران راڳين دهل، شرنائيون، چنگ ۽ مرليون وڄائي اگهور ننڊ ستل ثقافت کاتي کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان موقعي تي استاد امير علي، گلوڪاره فرزانه، لوڪ فنڪار شهزاد علي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ماروئڙن جون سموريون خوشيون لڙهي ويون آهن جن سان گڏ راڳي به دربدر بڻجي ڏکارا بڻيل آهن. هنن چيو ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب وڏي تعداد ۾ راڳي برادري سخت متاثر ٿي آهي پر ثقافت کاتو سندن ڪا سار لهڻ لاءِ تيار ناهي. مظاهرين الزام هنيو ته سنڌ جو ثقافت کاتو کين ساليانو وظيفو فراهم ڪندو آهي پر گذريل سال واري وظيفي 60 هزار رپين مان کين رڳو 15 هزار رپيا فراهم ڪيا ويا آهن جڏهن ته 5 مهينا گذرڻ باوجود 45 هزار رپيا رقم فراهم نه پئي ڪئي وڃي جنهن ڪري سندن ٻار فاڪن ۾ مبتلا بڻجي ويا آهن. راڳين چيو ته سنڌ تي جڏهن به ڪا آفت ايندي آهي ته راڳي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته راڳين جي گذر سفر جو ذريعو خوشين سان هجي پر سنڌ جي عوام هن وقت ڏکاري آهي. راڳين موجب ته ثقافت کاتي پاران سندن مدد لاءِ جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي آهي ان تي کين اعتماد ناهي ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو ڪميٽي ۾ شامل ڪيا ويا آهن تن جو راڳ جي دنيا سان پري پري تائين ڪو به تعلق نه آهي ان لاءِ ڄاڻايل ڪميٽي ۾ راڳي ويلفيئر جو نمائندو به شامل ڪيو وڃي. اڳواڻن احتجاج بعد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي 10 مطالبا پيش ڪيا. راڳين ڄاڻايو ته فوري طور متاثر فنڪارن جي نقصان جو ازالو ڪندي کين 2 لک رپيا فراهم ڪيا وڃن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سمورا ميمبر سندن لاءِ آواز بلند ڪن ته جيئن حيدرآباد، ٽنڊو ڄام، ڪوٽڙي، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ۾ راڳي گهراڻن جا ڪريل گهر ٻيهر ٺهي سگهن.