حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شاهي بازار ۾ دڪان بند نه ڪرڻ تان پوليس ۽ دڪاندارن ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي. دڪاندارن ايس ايچ او سميت اهلڪارن کي گهيري ورتو، پوليس نفري طلب ڪرڻ تي دڪاندار ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته لاڪ ڊائون دوران هاف شٽر کولي ڪاروبار ڪندڙ دڪاندارن خلاف پوليس ڪارروائي جي ڪوشش ڪئي ته دڪاندارن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. مڇريل دڪاندارن ايس ايچ او سٽي رئيس خانزادي، وڏي منشي محمد عبيد سميت دڪان بند ڪرائڻ لاءِ پهتا ته پوليس عملي کي گهيري ڪجهه دير لاءِ يرغمال پڻ بڻايو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته دڪاندارن بااثر واپاري کي پٽ پاران پنهنجو ڪاروبار بند نه ڪرائيندڙ پوليس سان جهيڙي جي به ڪوشش ڪئي جنهن بعد ايس ايچ او پوليس نفري کي طلب ڪيو ته واپاري ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. رابطو ڪرڻ تي سٽي پوليس به تصديق ڪئي ته ڪجه دڪاندار دڪانن جا اڌ شٽر کولي ڪاروبار ڪري رهيا هئا ته اطلاع تي پهچي ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر دڪاندار ايس ايچ او ۽ عملي سان منهن ماري ڪندي جهيڙي لاءِ تيار ٿي ويا هئا آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو هو.