حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سخي پير چوڪ وٽ قائم رائيس مارڪيٽ جي پورهيتن نهال شاهه نوري کي انوکي انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪئي. پورهيتن 100 ڪلو واري چانورن جي ٻوري پيادل کڻي سرگس ڪري درگاهه تي پهچائي جنهن دوران پورهيتن ٻڌايو ته سندن قافلي ۾ ٻوريون کڻندڙ حمالي وارو پورهيو ڪندڙ 100 کان وڌيڪ پورهيت شامل آهن جيڪي هر سال درگاهه تي 100 ڪلو واري چانورن سان ڀريل ٻوري پنڌ کڻي پهچائين ٿا. قافلي جي اڳواڻ غلام شبير موجب ته درگاهه تي پهچڻ بعد ديڳيون چاڙهي پورهيت توڙي اتي موجود ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي کائين ٿا. هن چيو ته ٽاور مارڪيٽ کان درگاهه نهال شاهه نوري تائين 30 ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلو پيادل طئي ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو فاصلو طئي ڪرڻ لاءِ سمورا پورهيت واري واري سان ٻوري ڪلهن ٿي کڻي جهمريون هڻي منزل تي پهچن ٿا. پورهيتن جي انوکي انداز دوران ايڪو سائونڊ تي غزل ۽ قوالين جون ڌمالون به وڄايون وڃن ٿيون جڏهن ته ٽاور مارڪيٽ کان حالي روڊ ۽ فتح چوڪ کان درگاهه نهال شاهه نوري تائين پورهيتن جو پيادل قافلو هر ماڻهو جي نگاهن جو مرڪز هجي ٿو.