حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليم واري وزير سيد سردار شاهه پاران 3 ڏينهن اڳ نول راءِ اسڪول جي ويئر هائوس تي ڇاپي دوران هٿ آيل سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن واري معاملي ۾ ملوث ٻن ٽي اي اوز جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري سٽي تعلقي جي ٽي اي او سيڪنڊري امداد حسين گوپانگ ۽ ٽي اي او پرائمري سٽي محمد قاسم مري جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي سندن پگهارون ۽ مراعتون به بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 24 سيپٽمبر تي صوبائي وزير سردار شاهه حيدرآباد ۾ قائم نول راءِ اسڪول جي ويئر هائوس تي ڇاپو هنيو جنهن دوران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا وڏي تعداد ۾ ڪتاب هٿ آيا هئا. صوبائي وزير لاڳاپيل عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڄاڻايو هو ته ڄاڻايل ڪتاب شاگردن کي فراهم ڪرڻا هئا پر لاڳاپيل ٽي اي اوز جي لاپرواهي سبب اهي ٻارن جي هٿن ۾ هئڻ بدران اسڪول ۾ پيل هئا. صوبائي وزير سيڪريٽري تعليم کي ٻنهي عملدارن خلاف جاچ جو به حڪم ڏنو هو.