حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڦليلي پوليس خيرپور واسي نوجوان کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، اي سيڪشن ۽ پڃاري پوليس پاران به جڙتو مقابلن ۾ ٻه ڄڻا هاف فراءِ ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ پوليس ترجمان پاران پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته ڦليلي پوليس جو فيضه مدينه روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل ٽن ڏوهارين سان مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري فرحان سيال زخمي ٿيو جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. بعد ۾ مارجي ويل مبينا ڏوهاري جو لاش سندس سئوٽ، امڙ ۽ ڀيڻ حوالي ڪيو ويو. سول اسپتال جي مرده خاني مان فرحان سيال جو لاش وصول ڪندڙ سندس وارثن پوليس جي مقابلي جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته فرحان سيال کي 15 ڏينهن اڳ خيرپور پوليس گرفتار ڪيو هو جتان سي آءِ اي انچارج حنيف کوسو کيس حيدرآباد پوليس حوالي ڪيو. پوليس نوجوان جي آزادي لاءِ 20 لک رپيا طلب ڪيا هئا جنهن تي انهن پوليس کي گهر ۾ پيل سونا زيور ۽ ٻيو سامان وڪرو ڪري 8 لک رپيا رقم به ادا ڪئي پر پوليس تنهن باوجود سندن نوجوان کي مبينا مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان مقابلي ۾ ماريل ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ پڌرو نه ڪيو هو. ٻئي طرف اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اماني شاهه قبرستان وٽ مبينا ڏوهارين سان مقابلي جي دعويٰ ڪندي هڪ ڏوهاري جليل پٺاڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس موجب زخمي ڏوهاري جي قبضي مان ٽي ٽي پستول مليو آهي جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري سندس ڏوهي رڪارڊ جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن پڃاري ٿاڻي جي پوليس به لياقت پل وٽ شهرين کان ڦر ڪندڙ ٽن ڏوهارين سان مقابلي جي دعويٰ ڪندي هڪ ڏوهاري ظهير خاصخيلي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب ڄاڻايل ڏوهاري جا ٻه ساٿي موٽرسائيڪل سميت فرار ٿي ويا آهن جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته اي سيڪشن پوليس 4 ڏينهن اڳ مقابلي دوران ڏوهاري مير محمد ٿهيم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي جنهن انڪشاف ڪيو هو ته پوليس کيس دوست ظهير خاصخيلي سميت گرفتار ڪري گم ڪيو ۽ بعد ۾ کيس ڄنگهه ۾ گولي هڻي مقابلي جي دعويٰ ڪئي وئي جڏهن ته سندس دوست جي پوليس اڃا گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي جنهن کي گذريل رات دير سان پڃاري پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.