حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سٽي تعلقي جي انتظاميا پاران حددخليون ڄاڻائي مسلم هاءِ اسڪول جي چارديواري ڊاهي پلازه کي رستو ڏيڻ جي ڪوشش خلاف شاگرد ۽ استاد رستن تي نڪري آيا. ڪلاٿ مارڪيٽ روڊ تي مارچ ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙ استادن ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي   پاران حددخليون ڄاڻائي گورنمينٽ بوائز نيشنل لائيزڊ مسلم هاءِ اسڪول جي چارديواري ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن سان اسڪول جي پرديداري سميت ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿيندي. استادن چيو ته سٽي تعلقي جي انتظاميا ديوار جو ڪجهه حصو ڊاهي به ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته  معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي، جيئن اسڪول مسمار ٿيڻ کان بچي سگهي. هوڏانهن  اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي جو چوڻ آهي ته اسڪول انتظاميا جي درخواست تي ديوار ڪيرائڻ لاءِ ٽيم وٺي پهتو پر ٻيهر جڏهن انتظاميا منع ڪئي ته هن اينٽي انڪروچمينٽ عملي کي پاڻ واپس ڪري ڇڏيو.