حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ قاسم آباد جي ڳوٺ رستم ملاح ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب عورت سميت 3 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا. جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. سول اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيلن ۾ شاهد شاهاڻي، سجاد ۽ جنت شاهاڻي شامل آهن جن ۾ هڪ زخمي جي جسم جو 90 سيڪڙو حصو متاثر ٿيو آهي. علائقي واسين موجب ڄاڻايل خاندان جو تعلق دادو ضلعي سان آهي جيڪي گذريل ڏينهن ڄاڻايل علائقي ۾ پهتا هئا ۽ انهن علي رضا شاهه نالي شخص کان ڪرائي تي گهر ورتو جتي سامان شفٽ ڪرڻ بعد انهن گهر جي ڇت تان بجلي جي تار پئي لڳائي ته ان دوران مبينا طور هڪ ڄڻي کي بجلي جو ڪرنٽ لڳو جنهن کي بچائيندي ٻيو شخص ۽ عورت به بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿي پيا. اطلاع باوجود نسيم نگر پوليس هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي. ٻئي پاسي حسين آباد واري علائقي ۾ ريل گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جي سڃاڻپ 30 سالن جي رياض پٽ حسين سولنگي طور ٿي آهي حالت خراب ٿيڻ سبب زخمي کي ڪراچي ريفر ڪيو ويو.