حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي  دادن شاهه ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي دوران ڳلو ڪٽجڻ سبب زخمي ٿيل پورهيت ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن جو لاش وارثن حيدرآباد منتقل ڪيو. مارڪيٽ پوليس فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. 11 جون تي ڏانٽا لڳڻ سبب نوجوان اسد پٽ محمد بخش ٻوڙاڻو جو ڳلو ڪٽجي ويو هو جنهن کي شروعاتي طور سول اسپتال ۽ بعد ۾ ڪراچي علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب ته فوتي نوجوان اسد جو سندس پاڙي ۾ رهائش پذير آصف نالي نوجوان سان ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو جنهن دوران آصف ڏانٽن جا وار ڪري اسد کي مرڻينگ ڪيو ۽ فرار ٿي ويو آهي. پوليس موجب واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي هئي. هاڻي فوتي جي تدفين بعد سندس وارث قتل جو ڪيس داخل ڪرائيندا. هوڏانهن وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس هفتو گذرڻ باوجود نوجوان تي حملو ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. هنن ڊي آءِ جي کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار آصف کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.