حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ قائم ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قرت العين قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سندس مڙس عمر ميمڻ کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. فورٿ ايڊيشنل سيشن جج غلام مرتضيٰ بلوچ جي عدالت 24 ڏينهن اڳ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار کي 10 لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي فيصلي موجب جوابدار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ هڪ سال قيد ڀوڳيندو. 15 جولاءِ 2021ع تي بئراج ڪالوني ۾ جوابدار عمر ميمڻ پنهنجي زال قرت العين عرف عيني بلوچ کي تشدد ڪري قتل ڪيو هو. مقتولا جي ڀاءُ اسدالله بليدي بلديا ٿاڻي تي ڀيڻ جو قتل ڪيس عمر ميمڻ خلاف داخل ڪرايو هو. پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪيو جنهن بعد شروعاتي طور معاملو لاڳاپيل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ هليو پر ڪيس جو پڪو چالان جمع ٿيڻ کانپوءِ ٽرائل ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر 2 فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ هليو. لاڳيتو ڪيس جون شنوايون ٿيون جنهن دوران قرت العين عرف عيني بلوچ جي معصوم نياڻي رامين زهره، فريادي ڀاءُ اسد الله بليدي، مشير سندس ڀائٽي سيف الله بليدي، سول اسپتال جي ٻن ڊاڪٽرن ۽ ٻن جاچ آفيسرن سميت 7 گواهن جا بيان رڪارڊ ٿيا. گذريل مهيني عدالت فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو جاري ڪندي جوابدار کي ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. فيصلي دوران جوابدار کي پوليس سخت پهري هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ بعد ۾ کيس سينٽرل منتقل ڪيو ويو. عدالت پاران فيصلو ٻڌائڻ دوران قرت العين جو فريادي ڀاءُ ۽ سندس ٻيا وارث به موجود هئا جن عدالتي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته سندن ڀيڻ جي خون سان انصاف ٿيو آهي.