حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ 48 ڪلاڪن دوران ڦرلٽ ۽ چوري جا 9 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. مارڪيٽ ٿاڻي جي  حد ۾ او پي ڊي چاڙهي ڀرسان ڦر جي ٻن وارداتن دوران هٿياربندن مزاحمت ڪئي. هڪ شخص ڪامران کي پير ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ ٻي واردات دوران هٿياربندن هڪ شخص جاويد کي منهن ۾ پسٽل جا بٽ هڻي زخمي ڪيو. اها واردات هڪ جنرل اسٽور ۾ ٻڌائي پئي وڃي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها واردات مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ ٿي جتان جي ايس ايڇ او کي هٽائڻ بدران ايس ايس پي حيدرآباد ڪينٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سڪندر مصطفيٰ ڪنڀار کي موڪل تي روانو ڪري ڇڏيو آهي. سٽي ٿاڻي جي حد ۾ عورتن جي اسپتال سامهون لاکا مسجد واري گهٽي ۾ 4 هٿياربند محمد وقاص نالي همراهه کان 2 هزار رپيا روڪ ۽ 2 موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا. سخي پير ٿاڻي جي حد ۾ لياقت ڪالوني قائد آباد وٽان 2 هٿياربند عدنان نالي هڪ شخص کان اڍائي لک رپيا روڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا. مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ۾ فردوس پمپ جي سامهون وڪيلن واري گهٽي ۾ نامعلوم چور ايڊووڪيٽ آصف جي موٽرسائيڪل چورائي ويا. بلديا ٿاڻي جي حد ۾ سي آءِ اي سينٽر واري روڊ تان موٽرسائيڪل تي سوار 2 هٿياربند عورتن کان 2 پرس ۽ هڪ موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا. هڪ پرس ۾ 1000 رپيا ۽ ٻئي پرس ۾ 6 هزار رپيا پيل هئا جيڪي ڦري فرار ٿي ويا. ڇلگري ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چور امير محمد ابڙيجي جي اوطاق وٽان ٽرانسفارمر جو ڪوائلون لاهي کڻي ويا. سخي پير ٿاڻي جي حد ۾ ٽنڊو ولي محمد واري علائقي مان لالا گڊز ايجنسي ٻاهران رفيق عالم نالي همراهه جي موٽرسائيڪل چورائي ويا. هوسڙي ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربند عابد نالي همراهه کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا.